حاجي نجم الدين سريوال

حاجي نجم الدين سريوال: سياسي ۽ سماجي خدمتگار حاجي نجم الدين سريوال، ضلعي بدين، تعلقي ماتليءَ جي ڳوٺ ماڻڪ سريوال ۾ 1920ع ڌاري جنم ورتو. هي لغارين جي سريوال پاڙي مان هو. هن ابتدائي تعليم گلاب لغاريءَ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم ٽنڊي باگي جي هاءِ اسڪول مان حاصل ڪيائين. حاجي نجم الدين سريوال 1945ع ڌاري سياست جي شروعات ڪئي ۽ ماتليءَ مان ميونسپل ڪميٽيءَ جي ميمبر طور منتخب ٿيو. 1953ع ڌاري ماتلي جي تڪ تان صوبائي سيٽ لاءِ مسلم ليگ طرفان ايوب کهڙي گروپ جي نور محمد نظاماڻيءَ سامهون چونڊ وڙهي عبدالستار پيرزادي جي وڏ وزارت ۾ ايڪسائيز کاتي جو صوبائي وزير ٿيو. ون يونٽ واري اليڪشن ۾ مغربي پاڪستان جو ميمبر منتخب ٿيو. 1956ع ڌاري ڊاڪٽر خان صاحب جي وزارت ۾ جهنگلات جو وزير مقرر ٿيو. سنڌ ۾ 1956ع ڌاري آيل ٻوڏ دوران آبپاشي کاتي جا پاور ملڻ تي ماتلي شهر کي بچائڻ لاءِ وڏي ڪوشش ڪيائين ۽ اتان ٻوڏ مان ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ خصوصي ريل هلرايائين.
4 مارچ 1967ع واري واقعي ۾ جن شاگردن جي ڪورٽ مان ضمانت نه ٿي هئي، انهن شاگردن جي ضمانت حاجي نجم الدين سريوال ان وقت جي لا ڪاليج جي پرنسپل ۽ وڪيل محمد ميمڻ جي گذارش تي ڪرائي. يحيٰ دؤر ۾ پهرين تهمينه دولتانه ۽ بعد ۾ سڪندر حيات جي ٻاهرين ملڪ وڃڻ بعد پاڪستان مسلم ليگ جو عارضي صدر به ٿيو. 73-1970ع ڌاري ٽنڊي باگي- بدين تڪ تي پيپلز پارٽيءَ جي رهنما ذوالفقار علي ڀُٽي جي سامهون اليڪشن ۾ بيٺو. هن ان اليڪشن ۾ 5000 ووٽن تان شڪست کاڌي، ان بعد 1973ع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ ان وقت جي وزيراعليٰ ممتاز علي ڀُٽي جي چوڻ تي پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪيائين. 1983ع ۾ ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين ۽ گرفتار به ٿيو. حاجي نجم الدين سريوال، ضيا دؤر ۾ غير جماعتي اليڪشن دوران بائيڪاٽ ڪري، سياسي حلقن ۾ هڪ نمايان ڪردار ادا ڪيو. اڳوڻي وزيراعظم غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي دؤر ۾ صوبائي وزير ٿيو. 1988ع کان سياست کان الڳ ٿيو. حاجي نجم الدين سريوال 2004ع ۾ وفات ڪئي. پويان ٻن پٽن جو اولاد اٿس. وڏو پٽ بشير احمد سريوال پ پ ضلعي بدين جو سينيئر نائب صدر ۽ ايم. پي. اي پڻ رهيو آهي.


لفظ حاجي نجم الدين سريوالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو